واٽس پنهنجو اهم فيچر ختم ڪري ڇڏيو

واٽس ايپ ملٽي ڊيوائس فيچر کي محدود ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو

ميسيجز جي مشهور موبائيل ايپليڪيشن واٽس ايپ جي ملٽي ڊوائيس فيچر کي محدود ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي.

هڪ رپورٽ موجب ڪمپني ٻڌايو آهي ته واٽس ايپ پاران دنيا جي ٻن عرب واهپيدارن لاءِ هڪ فيچر جولاءِ ٻه هزار ايڪويهه ۾ متعارف ڪيو ويو هو، جنهن ۾ واهپيدار هڪ ئي وقت هڪ اڪائونٽ کي سمارٽ فون، ٽيبليٽ، ڪمپيوٽر ۽ ويب تي به استعمال ڪري سگهندا هيا

رپورٽ موجب واٽس ايپ جي ڪمپونين موڊ نالي فيچر تي ڪم جاري آهي، جنهن ۾ ايندڙ وقت ۾ اڪائونٽ کي ثانوي ڊيوائس طور رڳو اينڊرائڊ ٽيبليٽ تي استعمال ڪري سگهبو.

ڪمپني موجب ان موڊ جي متعارف ڪرائڻ بابت تاريخ يا تصديق ناهي ڪئي وئي.

Read Previous

فٽبال کيڏندي رونالڊو جو مخالف رانديگر سان خطرناڪ ٽڪر، رت واهه

Read Next

چوڌري نثار سرگرم، ن ليگ ۾ واپسيءَ جا امڪان

Most Popular