سويڊن کان پوءِ اٽليءَ ۾ به ساڄي ڌر جي حڪومت

ساڄي ڌر جي اتحاد جي اڳواڻي ڪندڙ  جاارجيا ميلوني اٽلي جي پھرين عورت وزيراعظم بڻجي رھي آھي.هوءَ مسوليني کان پوءِ هن عهدي تي مقرر ٿيندڙ  انتھائي ساڄي ڌر جي اڳواڻ هوندي. اعتدال پسند اتحاد شڪست تسليم ڪري ورتي آهي.

ايگزٽ پولز موجب، اٽلي جي قومپرست اڳواڻ جارجيا ميلوني جي اڳواڻي ۾ انتهائي ساڄي ڌر جي اتحاد آچر تي اٽلي جي عام چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪئي. ميلوني چيو آھي  ته اطالوي عوام پنهنجي اتحاد جي حمايت ۾ "واضح پيغام” ڏنو آهي.ٻئي پاسي کاٻي ڌر جي نظرياتي ’ڊيموڪريٽڪ پارٽي‘  شڪست تسليم ڪري ورتي آھي.ڊيموڪريٽڪ  جي ھڪ اھم اڳواڻ ڊيبورا سيراشاني جو چوڻ ھو تھ  ”ھي اسان جي ملڪ لاءِ اداس شام آهي ،“ ھن جو چوڻ ھو تھ ساڄي ڌر کي پارليامينٽ ۾ تھ اڪثريت آهي، پر ملڪ ۾ اڪثريت حاصل ناھي.

پولنگ آچر تي مقامي وقت موجب رات 11 وڳي بند ٿي، ايگزٽ پولز موجب، اتحاد جي اڳواڻي ڪندڙ جماعت ”برادرڊ آف اٽلي“ جنھن جي اڳواڻي جارجيا ميلوني ڪري ٿي ان کي لڳ ڀڳ 45 سيڪڙو ووٽ مليا آهن، جن مان ميلوني جي پنهنجي پارٽي کي 26 سيڪڙو ووٽ مليا آهن. اهو ئي مضبوط گروپ آهي.ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻي ۾ سينٽر ليفٽ اتحاد کي 29 سيڪڙو ووٽ ملي رھيا آھن،جيڪو ٻيو وڏو ۽ مضبوط اتحاد آھي.پاپولسٽ گروپ فائيو اسٽار موومينٽ پڻ تقريبن 16.5 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا آھن.چونڊن ۾ اٽڪل ساڍا پنج ڪروڙ ماڻهو ووٽ ڏيڻ جي اهل هئا. گهرو وزارت موجب، مجموعي طور تي 64 سيڪڙو ووٽرن پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. اهو 2018 جي گذريل چونڊن کان گھڻو گهٽ آهي، جنهن ۾ 73 سيڪڙو جو رڪارڊ ٽرن آئوٽ ڏٺو ويو.

اندازي موجب ميلوني جو ساڄي ڌر وارو اتحاد پارليامينٽ جي لوئر ايوان جي 400 مان  227 ۽ 257  تائين سيٽون حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ سينيٽ جي 200 سيٽن مان  111 ۽ 131 سيٽون حاصل ڪري سگهي ٿي.ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻي ۾ جڙيل  اتحاد کي هيٺين ايوان ۾ 88 ۽ سينيٽ ۾ 42 سيٽون حاصل ٿي سگھن ٿيون.

اٽلي ۾، چونڊيل وزيراعظم ماريو ڊراگي جي ڪمزور اتحادي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ چونڊون ڪرايون ويون. جولاءِ ۾، فائيو اسٽار موومينٽ حڪومت کان پنهنجي حمايت واپس وٺي ڇڏي جنھن جي ڪري  ڊريگي ڪمزور ٿي ويو جنھن بعد ۾ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

Read Previous

اسحاق ڊار سينيٽ رڪنيت جو حلف کڻي ورتو، مخالف ڌر جو گوڙ، نعريبازي

Read Next

”ڀتو ڏيو نه ته ڊيٽا ڊارڪ ويب تي ڏسندئو“

Most Popular