ٽيم ۾ کوڙ ميچ ونر آهن، کين سپورٽ ڪيو مايوس نه ٿيندئو: رميز راجا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته پاڪستان ٽيم ۾ هڪ نه پر ڪيترائي ميچ ونر آهن، کين سپورٽ ڪيو ٽيم مايوس نه ڪندي.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي رميز راجا چيو ته هارائڻ اسان جو آپشن ناهي پر مان سڀني کي چوندس ته ٽيم جي حوالي سان هلڪو هٿ رکو، اسان کان غلطين ٿي رهيون آهن، اسان دنيا جي بهترين ٽيم ناهيون پر ٽيم خوشيون ڏئي رهي آهي.

هن چيو ته انگلينڊ خلاف سيريز ۾ جيڪا دلچسپي برقرار آهي، ان جي اميد نه هئي، دلچپسي دم نه ٽوڙيو، جنهن سبب سٺا مقابلا ٿي رهيا آهن، ميچن جو فيصلو آخري اوور ۾ ٿي رهيو آهي.

Read Previous

آرڊي 186 ۾ گئس ڳولا ڪندڙ بي جي پي ڪمپني پاران ڪيل بم ڌماڪن خلاف علائقي جي رھواسين جو احتجاج

Read Next

عائزا خان پنهنجو چهرو بگاڙي شهرت ماڻي: ماڊل جو انڪشاف

Most Popular