شادي کان اڳ آپگهات ڪندڙ عورت اينڪر جو مڱيندي لاءِ پيغام

شادي کان ڇهه هفتا اڳ آپگهات ڪندڙ آمريڪي نيوز اينڪر نينا پيچولڪي پنهنجي زندگي جو انت آڻڻ کان اڳ پنهنجي مڱيندي کي هڪ پيغام موڪليو هو.

آمريڪي نيوز اينڪر جي اوچتي آپگهات واري خبر عوامي حلقن ۽ انهن جي گهروارن کي حيراني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته نينا پاڻ کي گولي هڻڻ کان اڳ پنهنجي مڱيندي کي هڪ لکت ۾ پيغام موڪليو هو جنهن سان سندس مرڻ جا سبب خبر پئي ٿي.

نينا پنهنجي زندگي جو انت آڻڻ کان اڳ پنهنجي مڱيندي کي پيغام لکيو ته ان جي باوجود جو تون مونسا ڇا ڪيو، مان توسان پيار ڪيان ٿي، مونکي افسوس آهي ته مان اهو ڪندس جيڪو مونکي ڪرڻو آهي، هاڻي مان وڌيڪ تڪليف برداشت نٿي ڪري سگهان.

برطانوي اخبار ڊيلي ميل جي هڪ رپورٽ موجب شادي کان ڪجهه هفتا اڳ نينا کي خبر پئي ته سندس مڱيندي جا ڪنهن ٻئي عورت سان لاڳاپا آهن جنهن جي ڪري هوءَ سخت ذهني دٻاءَ جو شڪار بڻجي وئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب نينا پيچولڪي ستاويهه آگسٽ تي پسٽول ۽ گولي ورتي ۽ پوءِ نوي منٽ گذرڻ کانپوءِ هن آپگهات ڪري ڇڏيو.

Read Previous

”قاتل حسينائون ڪي نام“ ايشيا ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

Read Next

ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون علي ذوالفقار ميمڻ جي صدارت ھيٺ درٻار ھال ڄامشورو ۾ پوليو مھم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاء لاڳاپيل آفيسرن سان اجلاس منعقد ٿي گزريو

Most Popular