ايڊم گلڪرسٽ ٽاپ فائيو ۾ بابر کي ڪهڙو نمبر ۽ رمارڪس ڏنا؟

Cricket – Second T20 International – England v Pakistan – Emirates Old Trafford, Manchester, Britain – August 30, 2020 Pakistan’s Babar Azam reacts after losing his wicket Lindsey Parnaby/Pool via REUTERS

آسٽريليا جي اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر اڊم گلڪرسٽ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کان اڳ پنهنجي ٽيم جي چونڊ ڪري ورتي.

اڳوڻي ڪرڪيٽر پنهنجي پنج رڪني ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ ٻئي نمبر تي قومي ڪپتان بابر اعظم کي رکيو آهي جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ڊيوڊ وارنر، هاردڪ پانڊيا، راشد خان ۽ جوز بٽلر شامل آهن.

ايڊم گلڪرسٽ ٻڌايو ته هن انهن ئي رانديگرن کي پنهنجي ٽاپ فائيو ٽيم ۾ شامل ڪيو آهي.

وارنر جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته هو اننگز کي  انتهائي جارحاڻي طريقي سان شروع ڪندو آهي جنهن ڪري مخالف ٽيم جا بالر دٻاءُ جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ ٻنهي اينڊ تي بيٽرز کي تيزي سان رنسون ٺاهڻ جو موقعو ملندو آهي.

ٻئي نمبر تي گلڪرسٽ پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي رکندي چيو آهي ته هو سمورن فارميٽن جو بهترين رانديگر آهي، هو ڪنهن به صورتحال ۾ بيٽنگ ڪرڻ ڄاڻي ٿو.

ٽئين نمبر تي هاردڪ پانڊيا آهي جنهن کي آل رائونڊ ڪارڪردگي جي بنياد تي رکيو ويو آهي.

اهڙي نموني چوٿين نمبر تي راشد خان کي رکيو ويو آهي  جڏهن ته جارحاڻي بيٽنگ سبب شهرت رکندڙ انگلش ڪپتان جوز بٽلر کي ٽيم ۾ جڳهه ڏني وئي آهي.

Read Previous

گليمر جي نالي تي فلمن ۾ گهڻو ڪجهه شامل ڪيو ٿو وڃي: حمزا علي عباسي

Read Next

ڊالر سستو ٿيڻ تي غريبن جي سواري موٽرسائيڪلن جي اگهن بابت اهم خبر

Most Popular