ايران نوجوان نسل کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي: آمريڪا

An Iranian protester at the End Male Violence Against Women rally at Trafalgar Square.

آمريڪا ايران ۾ احتجاج ڪندڙن تي فورسز جي ڪريڪ ڊائون تي تنقيد ڪئي آهي.

وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري پريس بريفنگ دوران ايراني سيڪيورٽي فورسز طرفان مظاهرين تي ڪيل ڪريڪ ڊائون کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

پريس سيڪريٽري ڪيري جين چيو ته آمريڪا کي سيڪيورٽي فورسز طرفان ايران ۾ پرامن احتجاج ڪندڙ يونيورسٽي جي شاگردن تي تشدد ۽ گرفتارين وارين خبرن تي ڳڻتي آهي.

هن چيو ته ايران ۾ يونيورسٽي جي شاگردن هڪ عورت جي موت تي پرامن احتجاج ڪري رهيا آهن جڏهن ته ويجهڙائي وارن ڏينهن ۾ شاگردن تي اهڙي قسم جو ڪريڪ ڊائون نوجوان نسل کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو ته جيئن هو ڪنهن ٻئي هنڌ پنهنجو مستقبل ڳولي سگهن.

ان موقعي تي وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ان ڪريڪ ڊائون جي آمريڪا ايران جوهري معاهدي تي اثرن ڏانهن ڪو اشارو ناهي ڏنو.

Read Previous

ڊالر سستو ٿيڻ تي غريبن جي سواري موٽرسائيڪلن جي اگهن بابت اهم خبر

Read Next

سجاول ضلعي ۾ تعليم کاتي پاران هڪ ئي ضلعي ۾ ٻه قانون ڪرڻ خلاف آئي بي اي اميدوار روڊن تي نڪري پيا.

Most Popular