ڊجيٽل آدمشماري سنڌ تي حملو آھي : اياز لطيف پليجو

قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ ڊجيٽل آدمشماري سنڌ تي حملو آھي. عوام دشمن مھانگائي غريب عوام کان 2 وقت جي ماني بہ ڦري ورتي آھي. پيپلز پارٽي ٻيھر اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جا قدرتي وسيلا وڪڻي ڇڏيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌي ۽ اردو ڳالھائيندڙ ڀائر آھن. نفرت جي سياست ڪندڙ ملڪ جا خير خواھ ناھن. اقتداري پارٽين جي ڪرپشن سنڌ کي کنڊر بنائي ڇڏيو آھي. ڪراچي سميت وڏا شھر ڪچري جو ڍير آھن. پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ جي تباھي جون ذميوار آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ دشمن ڊجيٽل آدمشماري ۾ ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي غير قانوني پرڏيھين کي بغير سڃاڻپ ڪارڊ جي ڳڻي ڪوڙن انگن اکرن ذريعي اڪثريت ظاھر ڪئي پئي وڃي. ايم ڪيو ايم جا تڪ وڌائڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم عالمي ادارن کان فرمائش ڪندي تہ انھن کي الڳ صوبو ڏنو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي پر ڌرتي ڌڻي غربت سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. ڪرپٽ حڪمرانن جي عوام دشمن معاشي پاليسين جي ڪري ملڪ آئي ايم ايف وٽ گروي آھي. روزانو کاڌي پيتي وارين شين سان گڏو گڏ عام استعمال واريون شيون مھانگيون ٿي رھيون آھن. پورھيت، ھاري ۽ مزدور سخت پريشان آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪڻڪ جو بارداڻو آبادگارن کي ڏنو وڃي. سبسڊي ڏئي اٽو سستو ڪيو وڃي. کاڌي پيتي جون شيون سستيون ڪيون وڃن. آئي ايم ايف جي ھدايتن تي ھلي غريب ماڻھن مٿان روزانو مھانگائي جا بم نہ ڪيرايا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جي ماڻھن جو حق آھي. سنڌ مان گئس نڪري ٿو پر سنڌ جا اڪثر ڳوٺ ۽ شھر گئس جي سھولت کان محروم آھن ۽ باقي سڄو ملڪ گئس استعمال ڪري ٿو. ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ سنڌ ۾ آھي، جنھنڪري ڪاروبار درھم برھم آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ وقت کان اڳ آدمشماري سنڌ جي وجود تي حملو آھي. ايم ڪيو ايم چاھي ٿي ته ڪوڙي آدمشماري ۾ جعلسازي سان پنھنجون سيٽون وڌائي سنڌ ٽوڙڻ جا اعلان ڪيون. سنڌ دشمن ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاء اينيوميٽر جي ڪا بہ مانيٽرنگ نہ ڪئي ويندي. ويب پورٽل تي جيڪو جيترو انگ درج ڪندو، ان کي جيئن جو تيئن قبول ڪيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ٻوڏ سبب 2 ڪروڙ 30 لک ماڻھو بي گھر ۽ دربدر آھن، 30 لک کان وڌيڪ گھرن جو نالو نشان ناھي رھيو. رڳو ڪراچي ۾ 20 لک کان وڌيڪ افغاني ۽ ٻيا غير قانوني پرڏيھي رھن ٿا، اھي سڀ ڌاريا ڳڻپ ۾ آڻي مستقل شھري ڪيا ويندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم حڪومت صرف ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ لاءِ وقت کان اڳ ۾ غير آئيني ۽ غير قانوني سنڌ دشمن سازش تحت ڊجيٽل ڪوڙي آدم شماري ڪرائي رھيا آھن. سنڌ جو عوام انھي سازشي عمل کي مڪمل رد ڪري ٿو.

Read Previous

هينڊز انڊيپينڊنٽ ليونگ سينٽر حيدرآباد پاران عورتن جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب

Read Next

عمران خان 75 سالن جي تاريخ جو نااهل، بدڪردار ۽ بزدل شخص آهي: مريم نواز

Most Popular