هالينڊ جو جديد مائڪرو چپس برآمد ڪرڻ تي پابنديون لڳائڻ جو اعلان

جديد چپس

هالينڊ جي حڪومت جو چوڻ آهي ته اها پنهنجي قومي سلامتي جي حفاظت لاءِ اونهاري کان اڳ ملڪ جي جديد چپس جي برآمد تي پابنديون لاڳو ڪندي.

ان ۾ ڪمپيوٽر چپ سامان ٺاهيندڙ اي ايس ايم ايل پاران تيار ڪيل ٽيڪنالاجي شامل هوندي، جيڪا عالمي مائڪرو چپ سپلائي چين ۾ سڀ کان اهم فرمن مان هڪ آهي.

سيمي ڪنڊڪٽر، جيڪي موبائل فون کان وٺي فوجي هارڊويئر تائين هر شيءِ کي طاقت ڏين ٿا، آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ سخت تڪرار جي مرڪز تي آهن.

هي آمريڪا جي حقيقي فتح آهي ۽ چين لاءِ تمام خراب خبر آهي، آمريڪا ۽ چين جا لاڳاپا اڳ ئي خراب آهن، واشنگٽن جي قائم ائٽلانٽڪ ڪائونسل ٿنڪ ٽينڪ ۾ هڪ سينئر ساٿي ڊيڪٽر رابرٽس چيو ته ان سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي.

ملڪ جي واپار واري وزير ليسجي شرينيماڪر چيو ته اهو قدم سيمي ڪڊڪٽر جي پيداوار واري چڪر ۾ سمورين مخصوص ٽيڪنالاجيز کي متاثر ڪندو.

هن قانون سازن کي لکيل خط ۾ چيو ته هالينڊ قومي ۽ عالمي سلامتي جي بنياد تي هن ٽيڪنالاجي کي جلد کان جلد ڪنٽرول ۾ آڻڻ ضروري سمجهي ٿو.

ليٿوگرافي مشينون مائڪرو چپس جي پيداوار جي عمل جي حصي طور سليڪون تي ننڍن نمونن کي پرنٽ ڪرڻ لاءِ هڪ ليزر استعمال ڪن ٿيون، 2019 ۾ هائلينڊ اي ايس ايم ايل کي اهي جديد ليٿوگرافي مشينون چين کي وڪڻڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

آڪٽوبر ۾، واشنگٽن اعلان ڪيو هو ته ان کي آمريڪي اوزار يا سافٽ ويئر استعمال ڪندي چين کي چپس برآمد ڪرڻ وارين ڪمپنين لاءِ لائسنس گهربل هوندا، ڀلي اهي دنيا ۾ ڪٿي به ٺاهيا وڃن ۽ هالينڊ ۽ جاپان تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي ته اهي به ساڳيون پابنديون لاڳو ڪن.

ان کان علاوه، ڏکڻ ڪوريا جي واپار واري وزارت هن هفتي جي شروعات ۾ سيمي ڪنڊڪٽرز تي آمريڪي پاليسي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

وزارت چيو ته ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت واضح ڪندي ته چپس ايڪٽ جون شرطون ڪاروباري غير يقيني صورتحال کي وڌائي سگهن ٿيون، ڪمپنين جي انتظام ۽ ٽيڪنالاجي جي حقن جي ڀڃڪڙي سان گڏوگڏ آمريڪا لاءِ سيڙپڪاري جا اختيار محدود ڪري سگهن ٿيون، جيئن ان کي گهٽ پرڪشش بڻائي سگهجي.

ڏکڻ ڪوريا دنيا جو سڀ کان وڏي ميموري چپ ٺاهيندڙ ڪمپني سامسنگ سميت وڏن مائڪرو پروسيسر ٺاهيندڙن جو گھر آهي.

Read Previous

روس جي يوڪرين جي مختلف شهرن تي بمباري، مواصلاتي نظام درهم برهم

Read Next

سنڌ ڪابينا پاران آءِ ٽي سان واڳيل 3000 کان وڌيڪ پوسٽن جي اپ گريڊيشن جي منظوري

Most Popular