عمران خان جون تقريرون نشر ڪرڻ تي پابندي وارو پيمرا نوٽيفڪيشن معطل

عمران خان

لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جون تقريرون نشر ڪرڻ تي پابندي وارو پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف لاهور ۾ پنهنجي رهائشگاهه زمان پارڪ ۾ خطاب کانپوءِ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي چئلينج ڪيو هو.

آچر تي ريگيوليٽري باڊي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته عمران خان مسلسل بي بنياد ۽ نفرت وارن بيانن ذريعي رياستي ادارن ۽ آفيسرن خلاف نفرت جوڳيون تقريرون ڪري رهيو آهي، جيڪي امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ خطرناڪ آهن.

پيمرا طرفان سمورن سيٽلائيٽ ٽي وي چئنلز تي سندس تقريرون، بيان ۽ عوامي خطاب نشر ڪرڻ تي پابندي خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي.

بئريسٽر محمد احمد پنسوٽا ذريعي داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ان وقت جي چيف جسٽس اطهر من الله عمران احمد خان نيازي خلاف پيمرا جي ساڳي تحريڪ جي پابندي جي حڪم کي انهيءَ آرڊيننس جي خلاف قرار ڏنو هو.

عمران خان جي وڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته پيمرا آئين جي آرٽيڪل 19 ۽ 19 اي تحت ڏنل آئيني حقن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي حد کان وڌيڪ حڪم جاري ڪيو.

Read Previous

پاڪستاني رپئي کي ڌڪ، ڊالر وڌيڪ 3 رپيا 88 پئسا مهانگو

Read Next

پيمرا ٽي وي چينلز تي اعليٰ عدالتن جي ججن خلاف مواد نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

Most Popular