شي جن پنگ تاريخي ٽئين مدي لاءِ چين جو صدر ٿي ويو

شي جن پنگ

بيجنگ: شي جن پنگ کي تاريخي ٽئين مدت لاءِ چين جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن بعد هو ڪيترين ئي پيڙهين ۾ ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور اڳواڻ بڻجي ويو.

چين جي پارليامينٽ طرفان مقرري اهڙي وقت ۾ ٿي آهي جڏهن شي جن پنگ کي آڪٽوبر ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي (سي سي پي) جي سربراهه جي حيثيت سان پنجن سالن لاءِ ٻيهر صدر چونڊيو ويو هو.

69 ورهين جي زي جن پنگ کي پنهنجي صفر-ڪووڊ پاليسي ختم ڪرڻ بعد بي شمار فوتگين تي سخت احتجاجن کي منهن ڏيڻو پيو هو.

ھن ھفتي جي نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پي سي) ۾ انھن مسئلن کان پاسو ڪيو ويو آھي، احتياط سان ڪوريوگراف ٿيل پروگرام ۾ شي جن پنگ جي اتحادي لي چيانگ کي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو آهي.

تقريب دوران شي جن پنگ کي ٽيون ڀيرو چين جو صدر چونڊيو ويو ۽ کيس ملڪ جي مرڪزي فوجي ڪميشن جو ٻيهر سربراهه چونڊيو.

اسٽيج جي ڪناري تي هڪ ڊجيٽل مانيٽر حتمي ٽولي جو اعلان ڪيو، سڀئي 2,952 ووٽ شي جنگ پنگ کڻي ٽيهر صدر چونڊجي ويو.

Read Previous

جنرل عاصم منير کان ڪجهه سوال

Read Next

آمريڪا کي علائقائي ڊرون حب جي اجازت وارين ڳالهين ۾ صداقت ناهي: پاڪستان

Most Popular