پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون ڪارروايون، پابندي مڙهيل تنظيمن جا 12 دهشت گرد گرفتار

CTD Punjab

پنجاب جي دهشتگردي جي خاتمي واري کاتي لاهور ۽ پنجاب جي ٻن ٻين شهرن ۾ ڪارروايون ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم القائده ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان تعلق رکندڙ 12 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سي ٽي ڊي ترجمان موجب ڪارروائي 61 شڪي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا بعد ڪئي وئي، دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ بارودي مواد، هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو.

گرفتار دهشتگردن کي وڌيڪ پڇا ڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، دهشتگردن جو نيٽ ورڪ پنجاب جي حساس ضلعن ۾ حملن جي منصوبابندي ڪري رهيو هو.

سي ٽي ڊي کي اميد آهي ته هي آپريشن ملڪ ۾ سرگرم دهشتگرد نيٽ ورڪن کي ختم ڪرڻ يا امڪاني دهشتگرد سرگرمين کي روڪڻ ۾ مدد ڏيندو.

Read Previous

بلوچستان هاءِ ڪورٽ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا

Read Next

پاڪستان بار ڪائونسل پاران جسٽس مظاهر علي نقوي خلاف ريفرنس داخل

Most Popular