پاڪستان بار ڪائونسل پاران جسٽس مظاهر علي نقوي خلاف ريفرنس داخل

جسٽس مظاهر علي

پاڪستان بار ڪائونسل به جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪري الزامن جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر علي نقوي جي مبينا آڊيو ليڪس کانپوءِ وڪيلن جاچ ۽ ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

جسٽس مظاهر علي نقوي خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ مختلف ريفرنس داخل ٿي چڪا آهن، پاڪستان بار به اڄ ريفرنس داخل ڪرائي الزامن جي انڪوائريءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان بار ريفرنس ۾ چيو آهي ته جسٽس مظاهر علي اڪبر تي سنگين الزام لڳايا ويا آهن، ان ڪري مٿس الزامن جي جاچ ڪرڻ ضروري آهي.

مسلم ليگ (ن) لائرز فورم طرفان به جسٽس مظاهر نقوي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

Read Previous

پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون ڪارروايون، پابندي مڙهيل تنظيمن جا 12 دهشت گرد گرفتار

Read Next

پاڪستان ۽ ڀارت ۾ تعميري ڳالهين لاءِ ٽياڪڙي لاءِ تيار آهيون، آمريڪا

Most Popular