بارکان واقعو، عبدالرحمان کيتران ضمانت جي 10لک رپين عيوض ضمانت منظور

عبدالرحمان کيتران

ڪوئيٽا جي عدالت بلوچستان جي تعميراتي ۽ مواصلات واري وزير سردار عبدالرحمان کيتران جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، جيڪو برکان کوهه مان ٽن ڄڻن جي بيدردي سان قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن مان هڪ آهي.

سيشن عدالت صوبائي وزير جي 10 لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.

گذريل مهيني عدالت بلوچستان جي صوبائي وزير جو 10 ڏينهن جو جسماني رمانڊ پوليس جي ڪرائم برانچ حوالي ڪيو هو.

عبدالرحمان کيتران کي سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت آندو ويو، پيشي کان اڳ هن فتح جو نشانو بڻايو، جوابدار کي جڊيشل مئجسٽريٽ ثمينه نسرين جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

بارکان جو اهو خوفناڪ واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي هٿ ۾ قرآن پاڪ کڻي هڪ عورت جي وڊيو سامهون آئي.

وڊيو ۾ عورت دعويٰ ڪئي ته کيس ۽ سندس ٻارن کي عبدالرحمان کيتران حراست ۾ ورتو آهي، ماڻهن کي درخواست ڪئي ته کين آزاد ڪرايو وڃي.

Read Previous

اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه فيض حميد خلاف ڪيس نيب ڏانهن اماڻيو ويو

Read Next

پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ چونڊن لاءِ فنڊز ۽ سيڪيورٽي ۾ ڏکيائيون پيش

Most Popular