ايران ۽ سعودي عرب سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ تي اتفاق

رياض/ تهران: ايران ۽ سعودي عرب ٻن مهينن اندر لاڳاپا بحال ڪرڻ ۽ ڏهاڪن کان جاري سفارتخانو ٻيهر کولڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
عالمي خابرو اداري موجب چين جي راڄڌاني بيجنگ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ سعودي عرب ۽ ايران سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ، هڪ ٻئي جي رياستي خودمختياري جو احترام ڪرڻ ۽ اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
ٻنهي ملڪن جي سرڪاري نيوز ايجنسين به سفارتي لاڳاپن جي بحالي تي معاهدي جي تصديق ڪئي آهي.

Read Previous

حڪومت, بجلي صارفين تي 76 ارب جو اضافي بار وجهي ڇڏيو

Read Next

حيدرآباد : جشن بهار فلاور شو جو افتتاح

Most Popular