ڪورنگي ۾ روڊ جي ڪناري تي بيٺل ڪار مان 10 ورهين جي ٻارڙي جو لاش هٿ

ڪراچي ڪار مان لاش هٿ

ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ روڊ جي ڪناري تي بيٺل ڪار مان 10 ورهين جي ٻارڙي جو لاش هٿ اچڻ تي شهري حيران ٿي ويا.

شروعاتي جاچ موجب فوتي ٻارڙي جو پيءُ حيدرآباد ۾ ملازم آهي، جڏهن ته دل ڏاريندڙ واقعو ڪورنگي جي علائقي زمان ٽائون ۾ پيش آيو.

مقامي رهواسي شهزاد پنهنجي ماءُ جي دوا وٺي واپس جڏهن ڪار ۾ پهتو ته کيس پوئين سيٽ تي بي جان لاش مليو.

پوليس موجب ٻارڙي جي جسم تي تشدد جا نشان آهن ۽ شڪ آهي ته ٻار سان زيادتي ڪئي وئي آهي، موت جو ڪارڻ پوسٽ مارٽم کانپوءِ معلوم ڪيو ويندو.

لاش ملڻ بعد وارثن سخت احتجاج ڪيو ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ٻارڙي جي مامي جو چوڻ آهي ته ٻار ذهني طور معذور هو.

مقتول جي وارثن چيو آهي ته سندن ڪنهن سان ڪا به ذاتي دشمني ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏنو ويو

Read Next

ايران ۽ سعودي عرب چين سان نئين دور جي شروعات جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Most Popular