هي وقت سياست جو ناهي، ملڪ کي بچائڻو آهي، ڪامران ٽيسوري

ڪامران ٽيسوري

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته عمران خان معاشي بحران ڇڏي ويو، هي وقت ملڪ کي بچائڻ جو آهي، اسان سياست نٿا ڪري سگهون.

ڪراچي گيمز جي تقريب دوران هن چيو ته اسان هڪ ٻئي سان گڏ هلندا رهيا آهيون، عمران خان هاڻي سماجي بحران پيدا ڪري رهيو آهي، هو ماڻهن جي دلين ۾ نفرت پيدا ڪري پيو.

ڪامران ٽيسوري وڌيڪ چيو ته دنيا سندس ذاتي ڪردار کي ڄاڻي ٿي، اسان کي ملڪ کي بچائڻو آهي، سياست لاءِ گهڻو ئي وقت پيو آهي، سڀ کان ڏکيا فيصلا ڪيا پيا وڃن.

هن چيو ته ڪراچي جي عوام کي تفريح جا موقعا ڏنا وڃن، 2008ع کان ڪراچي گيمز نه ٿي رهي آهي.

گورنر سنڌ چيو ته بلديه عظميٰ ڪراچي گيمز ڪاميابي سان منعقد ڪئي.

Read Previous

اسان لاءِ اليڪشن کان آدمشماري وڌيڪ اهم آهي، شفاف نه ٿي ته مدد واپس وٺنداسين: وڏو وزير

Read Next

سنڌ ۽ پنجاب ۾ پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ واري مهم سڀاڻي شروع ٿيندي

Most Popular