بابر اعظم افغانستان خلاف سيريز ۾ نه کيڏائڻ واري فيصلي تي مايوس

بابر اعظم

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم افغانستان خلاف سيريز لاءِ آرام ڪرڻ ۽ شاهين شاهه آفريدي کي وقتي ڪپتان بڻائڻ بابت صلاح مشورو نه ڪرڻ تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي.

ذريعن موجب بابر اعظم سليڪشن ڪميٽي کي ٻڌايو آهي ته هو سيريز لاءِ موجود آهي، ڇاڪاڻ ته هو پاڪستان سپر ليگ ۾ شاندار فارم ۾ آهي.

ميڊيا رپورٽن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پي سي بي محمد رضوان ۽ بابر اعظم کي آرام ڏيڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي، جڏهن ته ٻئي پي ايس ايل ۾ ٽاپ اسڪورر آهن.

بابر اعظم جي ويجهن ذريعن اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته بابر اعظم ارهو آهي ۽ چوي ٿو ته انهيءَ سان ڪو فرق نه پوندو آهي ته ڪير ڪپتان ٿئي ٿو پر ساڻس مشورو ڪرڻ گهرجي ها.

اهو به انڪشاف ٿيو ته شان مسعود کي ٻاهرين دٻاءُ سبب اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو هو، جڏهن ته سليڪشن ڪميٽي شروعات ۾ کيس اسڪواڊ ۾ نه پئي چاهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جو چيئرمين نجم سيٺي سڀاڻي افغانستان خلاف سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪندو، اميد آهي ته خوشدل شاهه، محمد نواز، حيدر علي ۽ آصف علي اسڪواڊ جو حصو نه هوندا.

Read Previous

بنگلاديش انگلينڊ کي شڪست ڏئي ٽي 20 سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

Read Next

ڀارت تيلگو فلم آر آر آر بهترين گيت لاءِ آسڪر ايوارڊ ماڻي ورتو

Most Popular