اسان ايترا خوبصورت ناهيون جو ڪنهن حسن جي مقابلي ۾ تحفو کٽيو هجي، لاهور هائي ڪورٽ

لاهور هائي ڪورٽ

لاهور هاءِ ڪورٽ توشا خاني ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ ضروري آهي ته تحفا ڇو ڏنا وڃن ٿا، اسان ايترا خوبصورت ناهيون جو ڪنهن حسن جي مقابلي ۾ تحفو کٽيو هجي.

عدالت وفاقي حڪومت کي 2002ع کان اڳ جي توشه خاني مان تحفن جي وصولين جو رڪارڊ به اڄ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

جسٽس عاصم حفيظ جي سربراهيءَ ۾ بئنچ توشه خاني مان تحفا وصول ڪندڙ ماڻهن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

جسٽس عاصم حفيظ حڪم ڏنو ته توشا 2002 کان اڳ جو رڪارڊ جنهن شڪل ۾ موجود هجي پيش ڪيو وڃي.

جسٽس عاصم چيو ته عدالت مڪمل جائزو وٺڻ کانپوءِ حڪم جاري ڪندي، اهو به ڏسڻو پوندو ته تحفا ڪنهن ڏنا آهن، ان حوالي سان به جاچ ضروري آهي ته تحفا ڇو ڏنا ويا.

جسٽس عاصم حفيظ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن تحفو ڏنو وڃي ته ان جي بدلي ۾ فائدو حاصل ڪيو وڃي، اسان ايترا خوبصورت ناهيون جو ڪنهن حسن جي مقابلي ۾ تحفو کٽيو هجي.

Read Previous

توشه خانه ڪيس، عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو محفوظ

Read Next

پي ٽي آءِ جي ريلي، بازارون ۽ اسڪول بند ڪرڻ جو حڪم

Most Popular