عورت جج کي ڌمڪين وارو ڪيس: عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

عمران خان

اسلام آباد جي مقامي عدالت عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

عمران خان خلاف اسلام آباد جي مارگله ٿاڻي ۾ جج زيبا چوڌري خلاف ڌمڪيون ڏيندڙ بيان ڏيڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو.

سول جج رانا مجاهد رحيم سڪيورٽي سببن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي عمران خان کي 29 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران وڪيل انتظار حيدر پنجوٿا دليل ڏيندي چيو ته سڪيورٽي خطرن سبب عمران خان جو اسلام آباد اچڻ محفوظ ناهي.

هن عدالت کي ٻڌايو ته قانوني ٽيم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ درخواست ڪئي وئي ته عمران خان کي ورچوئل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ سيڪيورٽي سببن جي ڪري جسماني حاضري کان استثنيٰ ڏني وڃي.

وڪيل زور ڏنو ته سببن جي ڪري پيش نه ٿيڻ ۽ پيش نه ٿيڻ ۾ فرق آهي، ان کان اڳ سيشن ڪورٽ عمران خان جي درخواست رد ڪندي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن هو پيش نه ٿيو ته ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويندا.

Read Previous

فلم ايوري ٿنگ جي اداڪارن ڪي هوئي ڪوان ۽ جيمي لي ڪرٽس آسڪر ايوارڊ ماڻي ورتو

Read Next

توشه خانه فوجداري ڪارروائي ڪيس ۾ عمران خان جاضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ بحال

Most Popular