مون کي ماريو يا جيل ۾ وڌو ويو ته عوام کي جدوجهد جاري رکڻي آهي،عمران خان

سيشن ڪورٽ

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پوليس مون کي گرفتار ڪري جيل موڪلڻ آئي آهي، مون کي ماريو يا جيل ۾ وڌو ويو ته عوام کي جدوجهد جاري رکڻي آهي.

زمان پارڪ واري پنهنجي گهر مان وڊيو پيغام ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته هي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن عمران خان جيل ويو ته قوم سمهي پوندي، اوهان کي اهو غلط ثابت ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته هي لا اله الا الله جي نعري تي ٺهندڙ قوم آهي، توهان کي ثابت ڪرڻو آهي ته توهان زندهه قوم ۽ پيغمبر جي امت آهيو.

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿيو يا مون کي جيل موڪليو ويو يا ماريو ويو ته پوءِ توهان کي ثابت ڪرڻو پوندو ته هي قوم عمران خان کانسواءِ به جدوجهد ڪندي.

هن چيو ته توهان کي پنهنجي حقن ۽ حقيقي آزادي لاءِ وڙهڻو پوندو ۽ ٻاهر نڪرڻو پوندو، مان توهان لاءِ وڙهي رهيو آهيان.

عمران خان وڌيڪ چيو ته مون سموري زندگي جدوجهد ڪئي آهي، چورن ۽ ملڪ جا فيصلا ڪندڙن جي بدترين غلامي کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو وڃي.

Read Previous

اداڪارا زارا نور عباس ۽ اسد صديقي وچ ۾ ويڇا وڌي ويا

Read Next

بنگلاديش آخري ٽي-20 ميچ به کٽي انگلينڊ کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

Most Popular