صنعان ۽ قوسين قريشي تي حملي خلاف گهوٽڪي ۾ ريلي

ghotki

گهوٽڪي ۾ صنعان خان قريشي ۽ قوسين قريشي تي حملي خلاف جسقم ڪارڪنن طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ڪارڪنن محبوب گھوٽو، حبيب الله گھوٽو، وھاب سھتو ۽ شبير ڪلادي جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي.

اڳواڻ جو چوڻ هو ته شھيد بشير خان قريشيءَ سنڌين لاءِ جان جو نذرانو ڏنو، صنعان مٿان فائرنگ کليل دھشتگردي آهي.

هنن چيو ته ڌرتيءَ ڌڻين مٿان پوليس گردي مان ثابت ٿئي ٿو ته رياست هٿ وٺي امن تباهه ڪيو پيو وڃي

Read Previous

آرٽس ڪائونسل ڪراچي پاران ”قومي آرٽ نمائش“ اڄ17 مارچ تي منعقد ڪئي ويندي

Read Next

سجاول ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، فائنل ۾ ڪنگ خليفه هٿان چانڊيا اليون کي شڪست

Most Popular