آءِ جي سنڌ پاران منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون جي هدايت

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون نه ٿيڻ تي ڪاوڙ بعد آءِ جي سرگرم ٿي ويو، منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

ڊي آءِ جي حيدرآباد جي آفيس ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ منشيات فروشن خلاف ڪاررواين بابت اجلاس جي صدارت ڪئي.

آءِ جي سنڌ کي منشيات، گٽڪا، مائي جي خريد ۽ وڪري ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتارين بابت بريفنگ ڏني وئي.

آءِ جي سنڌ پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي ته حيدرآباد رينج ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون وڃن.

آءِ جي سنڌ چيو ته مختلف ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏيارڻ ۾ جاچ کاتي جو ڪردار اهم آهي، ڀرپور تياري ڪئي وڃي.

Read Previous

مٽياري ضلعي ۾ منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون، 14 گرفتار

Read Next

دادو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ انتظامي بحران، بنا ايم ايس هلڻ لڳي

Most Popular