ٿرڙي محبت ۾ گهر مان لکين رپين جي چوري، هڪ شڪي گرفتار

thariri Muhabbat

راڌڻ: ٿرڙي محبت ۾ ٻيهر بدامني پکڙڻ لڳي، وچ شهر ۾ گهر مان لکين رپين جي چوري ٿي وئي، شڪ جي بنياد تي هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو.

شهر ۾ ڪجه ڏينهن ٺاپر کانپوءِ وچ بازار مان حاجي عبدالوحيد جمالي جي گهر مان لکين روپين جي چوري ٿي وئي.

چور گهر جي ڀت ٽپي اندر داخل ٿي لکين روپيا روڪ ۽ لکين روپين جو سون چوري ڪري فرار ٿي ويا.

کوجي ڪتي جي مدد سان پيرا کنيا ويا، جيڪو متاثر ڌر جي مائٽ حاجي صحبت جمالي جي گهر ۾ ويهي رهيو، پوليس سندس پٽ محمد جمالي گرفتار ڪري ورتو.

Read Previous

دادو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ انتظامي بحران، بنا ايم ايس هلڻ لڳي

Read Next

ٺٽي ۾ منشيات فروشن جي آڙ ۾ شريف شهرين سان پوليس جون جٺيون، 3 ڄڻا گرفتار

Most Popular