ٺٽي ۾ منشيات فروشن جي آڙ ۾ شريف شهرين سان پوليس جون جٺيون، 3 ڄڻا گرفتار

ٺٽي ۾ پوليس منشيات فروشن جي آڙ ۾ شريف شھرين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو، ڪارروايون ڪري ڪيترن ئي بي گناهه ماڻهن کي به گرفتار ڪري ورتو.

مڪلي باء پاس ڀرسان ڳوٺ وڏيرو محمد عرس گندرو تي ڪاھ ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو.

پوليس گھرن ۾ گھڙي ھوائي فائرنگ ڪري ڏھڪاءُ پکيڙڻ بعد ڀڃ ڊاھ ڪري سونا زيور، موبائل فون ۽ ٻيو سامان کڻي وئي.

پوليس ننڍ ستل 3 پورھيتن مراد گندرو، ولي محمد گندرو ۽ جميل گندرو کي گرفتار ڪري کڻي فرار ٿي وئي.

Read Previous

ٿرڙي محبت ۾ گهر مان لکين رپين جي چوري، هڪ شڪي گرفتار

Read Next

ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي جي شاگردن جو هاسٽل پرووسٽ خلاف احتجاج

Most Popular