توشه خانا ڪيس: عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل

عمران خان

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق گرفتاري وارنٽ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو.

رجسٽرار آفيس درخواست تي اعتراض واريندي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم درخواست جمع ڪرائڻ لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق نه ڪرائي هئي.

اهو بھ چيو ويو ته هاءِ ڪورٽ هڪ درخواست تي فيصلو اچڻ کان پوءِ ٻيهر ٻڌڻي ڪيئن ڪري سگهي ٿي.

اڳوڻي وزيراعظم جي قانوني ٽيم طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت کين 18 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي.

عمران خان جي وڪيل خواجا حارث هاءِ ڪورٽ کي درخواست ڪئي ته ڪيس ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال جي عدالت مان منتقل ڪيو وڃي.

هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي درخواست ڪئي ته بيان حلفي منظور ڪري سندس موڪل جا گرفتاري وارنٽ رد ڪيا وڃن.

Read Previous

برسات جي اڳڪٿي، پي ايس ايل 8 جو فائنل سڀاڻي ڪرائڻ جو فيصلو

Read Next

روسي تيل جو پهريون ڪارگو اپريل ۾ پاڪستان پهچندو: مصدق ملڪ

Most Popular