لاهور جي زمان پارڪ ۾ رياستي ادارن کي چيلينج ڪيو پيو وڃي، مريم اورنگزيب

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته لاهور جي زمان پارڪ ۾ رياستي ادارن کي چيلينج ڪيو پيو وڃي.

تازو ئي بي بي سي نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته پوليس عمران خان کي ڪرپشن ڪيسن ۾ گرفتار ڪرڻ لاءِ عدالتي حڪمن تي عمل ڪرڻ ۾ وڏي نرمي جو مظاهرو ڪيو آهي.

هن چيو ته ٻئي طرف عمران خان نه رڳو عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي پر پنهنجي پارٽي ڪارڪنن کي افراتفري پکيڙڻ لاءِ به ڀڙڪائي رهيو آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته پوليس وٽ هٿيار نه هئا، پيٽرول بم، لٺين ۽ پٿرن سان نشانو بڻايو ويو، پي ٽي آءِ جي غنڊن جي اهڙن ڪاررواين سبب ڊي آءِ جي آپريشنز سميت 65 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو.

هن چيو ته عمران خان گرفتاري کان بچڻ لاءِ پارٽي ڪارڪنن، عورتن ۽ ٻارن کي انساني ڍال طور استعمال ڪري رهيو آهي ۽ لاهور جي گهٽين ۾ بدامني پکيڙي رهيو آهي.

تازو آڊيو ليڪ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عمران خان پنهنجي ڪارڪنن ۽ پارٽي جي سينيئر عهديدارن کي حڪم ڏنو ته پيٽرول خريد ڪري پوليس خلاف هٿيار طور استعمال ڪيو وڃي.

هن چيو ته عمران خان کي عدالتن طرفان بار بار وقت ڏيڻ باوجود پيش نه ٿيو ۽ هو پنهنجي غير قانوني ڪمن سان عدالتن کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

Read Previous

قوم ايٽمي اثاثن تي سمجهوتو نه ٿي ڪري سگهي، شيخ رشيد

Read Next

مريم نواز جو زمان پارڪ ۾ تربيت يافته دهشتگردن جي موجودگي خلاف ڪارروائي جو مطالبو

Most Popular