خانپور کان شڪارپور تائين بدامني ۽ ڊجيٽل آدمشماري خلاف پيادل مارچ

خانپور؛ قومي عوامي تحريڪ جو بدامني ۽ ڊجيٽل آدمشماري خلاف خانپور کان شڪارپور تائين پيادل مارچ ڪيو ويو.

ايڊووڪيٽ آغا فھد خان، سيد واجد علي شاھ ۽ نھال ڀنڀرو جي اڳواڻي ۾ 18 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو.

اڳواڻ جو چوڻ هو ته پ پ سازش ۽ معاھدي تحت ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي رٿابندي جوڙي آهي.

هنن چيو ته سنڌ اندر ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ڪري غريب عوام کي آپگهات تي مجبور ڪيو ويو، ماروئڙا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آھن.

سندن چوڻ هو ته شڪارپور ضلعو بدامني جي باھ ۾ سڙي رھيو آھي، سمورا ايندڙ ويندڙ رستا ڏوھارين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيل آھن.

Read Previous

حيدرآباد ۾ ميونسپل ڪمشنر پاران پمپنگ اسٽيشن جو دورو

Read Next

ميهڙ ڀرسان ڪڻڪ جي ديري تي ستل پورهيت گوليون هڻي قتل

Most Popular