اسلام آباد ۾ چڪريون: عمران خان ۽ ڪارڪنن تي دهشتگردي جو ڪيس داخل

Imran khan

توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي پيشي جي موقعي تي اسلام آباد ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪئي آهي.

وفاقي راڄڌاني ۾ ڇڪتاڻ تي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پارٽي جي ڪيترن ئي ڪارڪنن تي دهشتگردي جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو.

پوليس پاران نقصان جو اندازو لڳائڻ لاءِ رپورٽ پڻ تيار ڪئي وئي آهي، جيڪا گهرو وزارت کي موڪلي ويندي.

رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ جي مظاهرين پوليس جي 15 گاڏين کي نقصان پهچايو، لوهي بهير پوليس اسٽيشن جي وين ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي گاڏين کي باهه ڏني.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ پوليس چيو ته پٿراءُ جي نتيجي ۾ 52 اهلڪار زخمي ٿي پيا، پي ٽي آءِ ڪارڪنن سيڪيورٽي اهلڪارن تي هر طرف کان حملا ڪيا ۽ پيٽرول بم ۽ پٿر اڇلايا.

اسلام آباد جي سيشن عدالت عمران خان خلاف توشه خانه ريفرنس جي ٻڌڻي 30 مارچ تائين ملتوي ڪندي سندس گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا هئا.

عدالت طلب ڪيل سمن جي تعميل ۾ عمران خان جي پيشي کي به منظور ڪري ورتو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 30 مارچ تي طلب ڪري ورتي.

Read Previous

زمان پارڪ تي ڇاپو، پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

عمران خان جي گهر تي پوليس ڇاپو، اداڪارا ماهره خان ناراض

Most Popular