ڏهرڪي پوليس پاران پنجاب واسي اغوا ٿيل 9 فنڪار بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

Deharki punjab Artist

ڏهرڪي ڀرسان پوليس پنجاب واسي ڊانسر گروپ جي اغوا ٿيل 9 فنڪارن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ايس ايس پي شڪارپور موجب 20 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿي ويل ڇنيوٽ واسي ڊانسر گروپ جي 9 دهلائي فنڪارن کي مقابلي بعد بازياب ڪرايو ويو.

هن چيو ته بازياب ٿيلن ۾ انصر علي شيخ، سيمبل علي، شفقت علي، بلال، مشتاق، اسماعيل، قمر ۽ عباس سميت ٻيا شامل آهن.

سندس چوڻ آهي ته مغوين لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو هو، وڏي ڪاميابي ملي آهي، وڌيڪ ڏوهارين خلاف ڪارروائي جاري آهي.

Read Previous

عمران خان ڏنڊا بردار فورس ٺاهي ڇڏي آهي، سعيد غني

Read Next

پني عاقل مان اغوا ٿيل ٻن نوجوانن تي ڌاڙيلن جو تشدد، وڊيو وائرل

Most Popular