سجاد علي بالي ووڊ گلوڪاره شريا گهوشال کي ديواني بڻائي ڇڏيو

Shirya

پاڪستاني ڳائڻي سجاد علي جو گانو پرديس ٻڌڻ کانپوءِ شريا گهوشال تعريف ڪندي چيو ته سندس اهو گيت سندس دل کي ڇهي ويو ۽ اهو ئي سبب آهي جو هو ان کي بار بار ٻڌندي آهي.

ڀارتي ڳائڻي سجاد علي جو گيت پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي شيئر ڪيو ۽ لکيو ته ”@thesajjadali غير معمولي آهي. لوپ تي هي گيت ٻڌندي آهيان، ڪافي عرصي کانپوءِ هڪ گيت ۽ هڪ وڊيو منهنجي دل کي ڇهي ويو آهي.

سجاد علي 2022 ۾ گيت پرديس رليز ڪيو، هي گيت سندس تازو رليز ٿيل البم آتش جو حصو آهي.

شريا گھوشال آخري ڀيرو سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم گنگو بائي ڪاٺياواڙي ۾ جب سيان ڳايو.

Read Previous

اداڪاره ماهره خان پاران تصوير شيئر ڪري پٽ سان محبت جو اظهار

Read Next

ذاتي زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح فلم زويگاتو جي ڪردار سان تعلق رکان ٿو، ڪپل شرما

Most Popular