مريم نواز، راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل

maryam Nawaz

پاڪستان تحريڪ انصاف مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي.

مريم نواز، راڻا ثناءُ الله، انسپيڪٽر جنرل پنجاب عثمان انور، سي سي پي او لاهور صديق ڪميانا ۽ ٻين خلاف ريس ڪورس ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد عدالت ۾ قلم 22 اي ۽ 22 بي تحت درخواست داخل ڪئي وئي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آءِ جي پنجاب مريم نواز ۽ راڻا ثناءُ الله جي حڪم تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي رهائشگاهه زمان پارڪ تي پوليس آپريشن ڪيو.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پوليس کي واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي پر ان انڪار ڪيو.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالت مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن ۽ پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي.

ڇنڇر تي پنجاب پوليس لاهور ۾ پي ٽي آءِ سربراهه جي گهر تي ڇاپو هنيو ۽ سمورا دروازا ۽ رڪاوٽون ختم ڪري ڇڏيون، عمران خان جي عدالت ۾ پيشي لاءِ اسلام آباد روانو ٿيڻ کان ڪجهه ئي دير بعد گهر اندر اهو سرچ آپريشن ڪيو ويو.

Read Previous

قمبر ۾ صحت کاتي پاران ٽي بي جي عالمي ڏهاڙي تي سجاڳي واڪ ۽ سيمينار

Read Next

ڪي پي جي مختلف ضلعن ۾ اسپورٽس فيسٽيول پڄاڻيءَ تي پهتو

Most Popular