وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي اليڪٽرڪ ٿر جي 1650 ميگاواٽ منصوبن جو افتتاح ڪري ڇڏيو

وزيراعظم شهباز شريف

ٿرپارڪر ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل طور تي 1650 ميگاواٽ جي شنگهائي اليڪٽرڪ ٿر ۽ ٿل نووا ٿر منصوبن جو افتتاح ڪيو.

3.53 بلين ڊالر جي سڌي سيڙپڪاري سان ٺهيل، هي ڪوئلي تي هلندڙ منصوبا هر سال 11.24 بلين يونٽ سستي بجلي پيدا ڪندا.

انهن منصوبن جي افتتاح سان ٿر جي ڪوئلي مان بجلي جي موجوده پيداوار 3300 ميگاواٽ ٿي ويندي.

اهي منصوبا گذريل 4 سالن کان التوا جو شڪار هئا پر وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي انهن کي مڪمل ڪرڻ اولين ترجيح ڏني وئي آهي.

Read Previous

عمران خان ۽ پي ٽي آءِ تي پابندي پنج آڱرين جي مشق نه آهي: شيخ رشيد

Read Next

آڊيو ليڪس کي سپريم ڪورٽ کي بدنام ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي: چيف جسٽس

Most Popular