پروگرام ۾ اهڙو ڪوبه مطالبو ناهي ڪيو، جيڪو پاڪستاني چونڊن ۾ رڪاوٽ بڻجي: آءِ ايم ايف

آئي ايم ايف

اسلام آباد: عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته صوبائي چونڊون ڪرائڻ لاءِ آئيني حيثيت، فزيبلٽي ۽ وقت صرف پاڪستان جي ادارن جي ماتحت آهي ۽ پروگرام ۾ اهڙي ڪابه گهرج ناهي، جيڪا ملڪ جي آئيني سرگرمين جي صلاحيت ۾ مداخلت ڪري سگهي.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ملڪ ۾ اقتصادي ۽ سيڪيورٽي خدشن جو حوالو ڏئي پنجاب اسيمبليءَ جي عام چونڊن ۾ پنج مهينن جي دير جو فيصلو ڪيو هو، جنهن تي آءِ ايم ايف جو ردعمل سامهون آيو.

آءِ ايم ايف جي ايسٿر پيريز روئيز چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي سهڪار سان هلندڙ پروگرام تحت هدف عام حڪومتي سطح تي مقرر ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن اندر خرچن جو مختص ڪرڻ يا ٻيهر ترجيح يا اضافي وصولين گنجائش موجود آهي.

آءِ ايم ايف موجب مالي ڏکيائين سبب پاڪستان پاران آءِ ايم ايف جو معاهدو پورو ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، پروگرام جي نائين جائزي سان هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جي قسط جاري ٿيندي ۽ دوست ملڪن کان به مدد ملندي.

ناڻي واري سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي بريفنگ ڏني هئي ته فنڊز کوٽ ۽ مالي بحران سبب ملڪ معاشي بحران کي منهن ڏئي پيو، آءِ ايم ايف پروگرام جو دٻاءُ به آهي، مالياتي نظم ۽ ضبط توڙي خسارو برقرار رکڻ جا هدف مقرر ڪيا آهن.

اليڪشن ڪميشن جو موقف آهي ته حڪومت جي رپورٽس، بريفنگ ۽ مواد تي غور ڪرڻ کانپوءِ 30 اپريل تي پنجاب ۾ عام چونڊون صاف، شفاف توڙي پرامن طريقي آئين ۽ قانون تحت ڪرائڻ ممڪن نه آهي.

Read Previous

ڀارتي عدالت اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي کي 2 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

Read Next

پي ٽي آءِ جو پنجاب ۾ چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

Most Popular