اينڪر ڪرن ناز پاران ڊاڪٽر عامر لياقت حسين کي ڪيش ڪرڻ تي ٽي وي چئنلز مٿان تنقيد

اينڪر ڪرن ناز تازو ئي ٽيليويزن چينلز کي سندن منافقت تي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت اڪثر چينل مرحوم ڊاڪٽر عامر لياقت حسين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ۾ مصروف آهن.

اهو سچ آهي ته رمضان ٽرانسميشن جو رجحان پهريون ڀيرو ڊاڪٽر عامر لياقت حسين شروع ڪيو هو پر گذريل سال، چينل سندس چوڌاري تڪرار سبب کيس شو ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا، جنهن بابت هن شڪايت به ڪئي هئي.

مشهور نيوز اينڪر ڪرن ناز جو چوڻ هو ته اهي چينل هاڻي ڊاڪٽر عامر لياقت حسين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو چورن وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن کي ذهني دٻاءُ باوجود گذريل سال هڪ به شو نه ڏنو ويو.

ڪرن حق لکيو ته جيتوڻيڪ عامر لياقت رمضان ٽرانسميشن جو بادشاهه هو پر ڪو به چينل ساڻس گڏ ٽرانسميشن ڪرڻ لاءِ تيار نه هو.

هن چيو ته اهي ماڻهو هاڻي عامر لياقت حسين کي ڪيش ڪرائي رهيا آهن، ثابت ٿي ويو ته پاڻ کي ثابت ڪرڻ لاءِ مرڻو پوندو آهي.

Read Previous

اداڪارا انمتا قريشي جون بولڊ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون

Read Next

انيل ڪپور ۽ سونم, سنيتا ڪپور سان پيار جي اظهار لاءِ پوسٽون شيئر ڪيون

Most Popular