راڌڻ ۾ شهرين جو ٽرين سروس بحال نه ٿيڻ خلاف ريلوي اسٽيشن تي احتجاج

راڌڻ (رپورٽ: ھريش ڪمار) ڪوٽڙي-لاڙڪاڻو ريلوي ٽريڪ بحال نه ٿيڻ خلاف راڌڻ ۾ شهرين جو ريلوي اسٽيشن تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سوشل ورڪر نظير احمد بروھي، سائين مظھر علي ڀنڊ ۽ ڪامريڊ نادر علي سولنگي جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو.

مظاهرين جو چوڻ هو ته ٻوڏ ۽ برسات کي 8 مهينا گذري چڪا آهن پر ريلوي انتظاميا ۽ ٽراسپورٽ مافيا جي ڳٺ جوڙ سبب ٽرينون بند آھن.

هنن چيو ته عوام ٽرين جھڙي سستي ۽ محفوظ سفر کان محروم آهي، پنجاب ۾ وک وک تي ٽرينن جا اسٽاپ ڪيا ويا آهن.

اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته روهڙي لاڙڪاڻو دادو سيوهڻ ڄامشورو ڪوٽڙي ٽريڪ تي ٽرينون نه هلائڻ تائين اسان جو احتجاج جاري رھندو.

Read Previous

عمران خان مُلڪي سياست کي ان مقام تائين پهچائي ڇڏيو آهي: راڻا ثناءُ الله

Read Next

ڪنڊياري ۾ مهانگائي بي قابو، عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو

Most Popular