حيدرآباد پوليس ڄامشوري مان کنڀيل شخص جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي، وارث عورت جو احتجاج

حيدرآباد پوليس ڄامشوري مان کنڀيل ماڻهن جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي، سندن وارث سراپا احتجاج بڻيل آهن.

غريب آباد واسڻ مسمات نظيران زال حاجن جوڻيجو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پھچي صحافين اڳيان احتجاج ڪيو.

مسمات نظيران چيو ته ٻه ڏينھن اڳ پوليس ڌاڙيلن جيان گھر ۾ گھڙي تشدد بعد منھنجي مڙس حاجن جوڻيجو کي گرفتار ڪري وئي.

هن چيو ته پوليس گھر ۾ داخل ٿيڻ بعد ڀڃ ڊاھ پڻ ڪئي ۽ 9 ھزار روپيا روڪ رقم، موبائل فون ۽ گھريلو سامان به کڻي وئي آھي.

Read Previous

دادو واسڻ ناري ڪراچي مان پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر

Read Next

ڪوٽڙي ڀرسان هزاره ايڪسپريس مسافرن جي حاضري دماغي سبب وڏي حادثي کان بچي وئي

Most Popular