آءِ ايم ايف وچ ۾ معاهدو سعودي ۽ يو اي اِي جي مالي مدد سان مشروط هوندو

IMF

ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات (يو اي اي) کان مالي امداد جي تصديق کانپوءِ پاڪستان ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ اسٽاف ليول ايگريمينٽ تي صحيحون ٿينديون.

ذريعن ٻڌايو ته آءِ ايم ايف طرفان ٻنهي ملڪن جي سهڪار جي تصديق جو انتظار آهي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار آچر تي وفاقي راڄڌاني ۾ افطار ڊنر دوران سفارتڪارن کي آگاهه ڪيو ته آءِ ايم ايف سان معاملا جلد حل ڪيا ويندا.

9 فيبروري تي وفاقي راڄڌاني ۾ آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جي وچ ۾ نظرثاني واري ڳالهين جي پڄاڻي کي لڳ ڀڳ 46 ڏينهن گذري ويا آهن، ٻنهي طرفن وچ ۾ معاهدو اڃا تائين صحيح ناهي ٿي سگهيو.

10 فيبروري تي وفاقي وزير دعوي ڪئي ته مجازي ڳالهيون شروع ٿي چڪيون آهن ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ عملي جي سطح جي معاهدي تي دستخط ڪيو ويندو.

آءِ ايم ايف پهريان ئي حڪومت جي غريبن کي سبسڊي واري تيل فراهم ڪرڻ جي اعلان کان لاعلمي جو اظهار ڪري چڪو آهي.

بيوروڪريسي حلقن حڪومت کي اهو به چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي سبسڊي جي مخالفت کي نظر ۾ رکندي اهڙين غريب نواز اسڪيمن تي عمل نه ٿو ٿي سگهي.

Read Previous

وفاقي ڪابينا پاڻمرادو نوٽيس خلاف اپيل جي حق بابت بل جي منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

پني عاقل ۾ بچت بازار ويران، يوٽيلٽي اسٽور به عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل

Most Popular