سمورين اسيمبلين ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرايون وڃن: قومي اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ منظور

maryam aurangzaib

قومي اسيمبلي سمورين اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي وقت ڪرائڻ جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.

اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اطلاعات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب قرارداد پيش ڪئي.

ٺهراءُ موجب ايوان سياسي معاملن ۾ عدليه جي مداخلت کي رد ڪري ٿو ۽ سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪري ٿو ته سياسي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪري.

ايوان اهو به مطالبو ڪري ٿو ته سمورين اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي وقت ۾ ڪرايون وڃن. آئيني ۽ اجتماعي دانش وارو معاملو سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ ۾ ٻڌڻ گهرجي.

قرارداد ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ايوان صوبائي چونڊن جي حوالي سان 4-3 جي فيصلي جي حمايت ڪري ٿو ۽ عدليه کان مطالبو ڪري ٿو ته اليڪشن ڪميشن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي.

قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن آئين تحت شفاف چونڊون ڪرائڻ جي پابند آهي، اليڪشن ڪميشن جي آئيني اختيارن ۾ ڪا به مداخلت نه ٿيڻ گهرجي.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي پنهنجي صوابديد موجب چونڊون ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي.

قرارداد موجب ملڪ ۾ معاشي استحڪام لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي. ملڪ جي سمورين اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي وقت غير جانبدار نگران حڪومتن تحت ٿيڻ گهرجن، جنهن سان حقيقي سياسي استحڪام اچي سگهي.

قومي اسيمبلي قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتي، جنهن کانپوءِ اسپيڪر پرويز اشرف ڪارروائي اڄ صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

پني عاقل ۾ بچت بازار ويران، يوٽيلٽي اسٽور به عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل

Read Next

جج کي ڌمڪي ڪيس: عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

Most Popular