چيني ٽيڪنالوجي ڪمپني علي بابا جي نئين تنظيم سازي جي اعلان بعد شيئرز ۾ اضافو

چيني ٽيڪنالاجي ڪمپني علي بابا جي نئين سر تنظيم سازي ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ وڏي پيماني تي شيئرز ۾ اضافو ٿيو آهي.

فرم چيو ته ڇهن مان پنج يونٽ ٺاهيا ويندا، جن مان نئين فنڊ گڏ ڪرڻ ۽ ابتدائي عوامي پيشڪش (آئي پي او) لاءِ اختيارن تي غور ڪيو ويندو.

علي بابا جا شيئرز ۾ نيويارڪ ۾ 14 سيڪڙو کان وڌيڪ ۽ هانگ ڪانگ ۾ 13 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڏٺو ويو آهي.

ٽيڪنالاجي شعبي تي بيجنگ جي ڪريڪ ڊائون جي خوف سبب 2020 کان وٺي هن جي آمريڪا ۾ شيئرز ۾ لڳ ڀڳ تي 70 سيڪڙو گهٽتائي آئي.

اهو قدم انهن رپورٽن کانپوءِ سامهون آيو آهي ته علي بابا جو باني جيڪ ما، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ گذريل ٽن سالن کان عوام ۾ نه پئي ڏٺو ويو، هن هفتي چين ۾ هڪ ڊگهي غير حاضري کانپوءِ ٻيهر ظاهر ٿيو.

Read Previous

بينڪ آف انگلينڊ پاران بينڪاري نظام ۾ وڌيڪ بحران جي خدشي سبب الرٽ جاري

Read Next

ايلون مسڪ ۽ ٻين ماهرن پاران مصنوعي ذهانت وارو نظام فوري طور روڪڻ جو مطالبو

Most Popular