جنهن تي جج ئي بي اعتمادي ظاهر ڪن، ان جي فيصلي جي ڪا به حيثيت ناهي، مريم نواز

مريم نواز

لاهور: مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته جنهن تي پنهنجا جج بي اعتمادي ظاهر ڪن، سوال اٿاري ڇڏين، ان جي فيصلي جي ڪا به قانوني يا اخلاقي حيثيت نه هوندي.

مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر مريم نواز ٽوئيٽ ڪندي چيو ته هوءَ جسٽس مندوخيل جي دعا ۾ شريڪ آهي ته الله تعاليٰ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان تي رحم فرمائي. آمين!

مريم نواز چيو ته جنهن تي پنهنجا ڀائر ججبي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏين، ان جي فيصلي جي ڪابه قانوني يا اخلاقي حيثيت نه هوندي.

هن چيو ته ڳچ سهولڪارن جي زور تي انصاف جي نظام کي تحريڪ انصاف جو ايوان بڻجڻ کان روڪڻ سموري قوم جي ذميواري آهي، ون مين شو تباهي جو سبب بڻجندو.

Read Previous

اليڪشن ملتوي ڪيس: 4 رڪني بينچ ٽٽڻ بعد سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ قائم

Read Next

صدر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Most Popular