صدر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

عارف علوي

صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيووريٽو ريفرنس ۽ سول متفرق درخواست واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 48 موجب وزيراعظم شهباز شريف جي مشوري تي ان جي منظوري ڏني.

ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ جي ايڊووڪيٽ انيس احمد شهزاد جي حق ۾ پاور آف اٽارني تي صحيحون پڻ ڪيون.

وزيراعظم شهباز شريف سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

Read Previous

جنهن تي جج ئي بي اعتمادي ظاهر ڪن، ان جي فيصلي جي ڪا به حيثيت ناهي، مريم نواز

Read Next

پاڪستان جي ڊيموڪريٽڪ سمٽ ۾ شرڪت نه ڪرڻ واري فيصلي تي آمريڪا جو ردعمل

Most Popular