سنڌ طاس معاهدي بابت ڀارتي حڪومت جي نوٽيس جو فوري جواب ڏنو، خورشيد شآهه

Khursheed shah

آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي بابت پاڪستان کي موڪليل نوٽيس جو فوري جواب ڏنو آهي.

واضح رهي ته هلندڙ سال جنوري ۾ ڀارتي حڪومت پاڪستان کي سنڌ طاس معاهدي ۾ ترميم لاءِ نوٽيس موڪليو هو.

نوٽيس ظاهري طور تي سنڌ طاس معاهدي جي آرٽيڪل 12 تحت موڪليو ويو، جنهن تي ٻنهي ملڪن 1960ع ۾ صحيحون ڪيون هيون.

هڪ سوال جي جواب ۾ آبي وسيلن واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اڳ ئي ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي ۾ تبديلي بابت موڪليل نوٽيفڪيشن جي معاملي تي فوري جواب ڏئي چڪو آهي.

سيد خورشيد احمد شاهه حڪومت تي زور ڏنو ته اها جي ڊي پي جو 15 سيڪڙو آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مختص ڪري.

قومي اسيمبلي ۾ آبي وسيلن واري وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو ته ملڪ جي آبادي وڌي وئي آهي، جنهن کي خوراڪ پيدا ڪرڻ لاءِ پاڻي ۽ وڌيڪ ڊيمن جي ضرورت آهي.

سنڌ طاس معاهدو 1960ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 9 سالن جي ڳالهين کانپوءِ ورلڊ بئنڪ جي مدد سان ڪيو ويو.

Read Previous

پاڪستان جي ڊيموڪريٽڪ سمٽ ۾ شرڪت نه ڪرڻ واري فيصلي تي آمريڪا جو ردعمل

Read Next

چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ جسٽس فائز عيسيٰ جي بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular