ڪراچي ۾ فوتي بلڊر جي پلاٽ تي غير قانوني طور گهڻ ماڙ عمارت ٺهڻ جو انڪشاف

ڪراچي جي مصروف ترين ڪمرشل روڊ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي غيرقانوني عمارت اڏائي وئي، جاچ دوران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن ۽ بلڊر جو لاڳاپو سامهون اچي ويو.

ذريعن موجب ريلوي ڪوارٽر واري علائقي ۾ غيرقانوني طور تي ٺهيل عمارت جي پلاٽ جو مالڪ فوت ٿي ويو آهي، هڪ ٻئي بلڊر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري ڄاڻايل پلاٽ تي عمارت ٺاهي ورتي آهي.

اينٽي ڪرپشن کاتي پاران شڪايت ملڻ تي سنڌ سرڪل آفيس ڏکڻ ڪراچي شهر جي مصروف ترين ڪاروباري علائقي آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ريلوي ڪوارٽرز ڀرسان پلاٽ نمبر 11/3 شيٽ نمبر RY-9 تي عمارت جي غير قانوني اڏاوت جي جاچ شروع ڪئي وئي.

اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته بلڊر زاهد عيسيٰ پٽ هارون سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري ڄاڻايل پلاٽ نمبر 3/11 ريلوي ڪوارٽرز تي وڏي پيماني تي غير قانوني عمارت ٺاهي.

جاچ موجب بلڊر سيلز کانسواءِ اين او سي حاصل ڪيا ۽ ايس بي سي اي جي ڊيزائن سيڪشن بنا ڪنهن اشتهار جي ڄاڻايل پروجيڪٽ کي عام شهرين کي وڪرو ڪري ڇڏيو، جنهن سبب عام ماڻهن جي جان ۽ مال کي به خطرو ٿي ويو آهي.

اينٽي ڪرپشن کاتي پاران جاچ کانپوءِ جوابدار بلڊر کي 27 مارچ سومر ڏينهن 12 وڳي طلبي نوٽيس جاري ڪيو ويو.

اينٽي ڪرپشن اختيارين غيرقانوني بلڊنگ جي ٽائيٽل جي دستاويز، بلڊنگ لي آئوٽ پلان، ملڪيت جي وڪري لاءِ اين او سي، زمين جي کوٽائي لاءِ اين او سي، مسمار ڪرڻ لاءِ اين او سي، ٽي پي اين او سي، سيڪيورٽي ڊيپوزٽ، بئنڪ گارنٽي جمع ڪرائڻ جا حڪم بلڊر کي جاري ڪري ڇڏيا آهن.

بلڊر کي لينڊ ٽيسٽ رپورٽون، مواد جي جاچ رپورٽون، DNP-1 (ذيلي ليز تي عملدرآمد، الاٽيز سان معاهدو، دستاويز، ڪنيڪشن ۽ ميٽر چارجز، ايسوسيئيشن جي تعمير ۽ يوٽيلٽي مينٽيننس، ڊولپر، بلڊر ۽ پروفيشنل ڪم، بروشر، عمارت جي مڪمل ٿيڻ جو سرٽيفڪيٽ ۽ چالان جي ڪاپي سميت ٻيا لاڳاپيل دستاويز پڻ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب ڄاڻايل پلاٽ جو مالڪ بلڊر فوت ٿي ويو آهي ۽ تاڙ ۾ ويٺل هڪ ٻئي بلڊر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري مبينا رشوت عيوض غيرقانوني طور تي گهڻ ماڙ عمارت ٺاهي ورتي آهي.

ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن کاتي جي جاچ ۾ ٻيا به ڪيترائي دلچسپ انڪشاف سامهون آيا آهن، جنهن بعد جوابدار بلڊر خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

Read Previous

چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ جسٽس فائز عيسيٰ جي بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

Read Next

ڪراچي ۾ راشن ورهائڻ دوران ڀاڄ، ٽن ٻارڙن ۽ عورتن سوڌو 12 ڄڻا لتاڙجي فوت، ڪيترائي زخمي

Most Popular