وڏي وزير جي خاص معاون بنده علي لغاري پاران مانجهند ۾ رمضان بچت بازار جو دورو

ڄامشورو( خالد مهيسر) وزيراعلي سنڌ جي خاص معاون ڊاڪٽر بندھ علي لغاري جو مانجھند رمضان بچت بازار جو دورو اسسٽنٽ ڪمشنر مانجھند احمر آفتاب ميمڻ رمضان بچت بازار جي متعلق خصوصي معاون کي بريفنگ ڏني.

وزيراعلي سنڌ جي خاص معاون ڊاڪٽر بندھ علي لغاري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مانجھند تعلقي ۾ پھريون دفعو رمضان بچت بازار قائم ڪئي وئي آھي سنڌ حڪومت رمضان المبارڪ ۾ عوام کي عام واھپي جون شيون سستي اگهه تي فراهم ڪرڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ بچت بازارون لڳايون آهن.

معاون خاص عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڄامشورو ضلعي جي سمورن تعلقن ۾ پڻ بچت بازارون قائم ڪيون ويون آهن مهانگائي تمام گهڻي وڌي وئي آهي، جنهن سبب عام ماڻهو سخت پريشان آهي.

هن چيو ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت جوڳا اپاءُ وٺي رهي آهي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 78 لک مستحق خاندانن کي رمضان المبارڪ ۾ اٽي جي خريداري لاءِ رقم ڏني پئي وڃي.

معاون خاص چيو ته بچت بازارن جي ذريعي عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ صوبائي وزيرن ، صلاحڪارن ، خاص مددگارن کي بچت بازارن جي نگراني لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.

Read Previous

تاريخدان، محقق ۽ صحافي پير حسام الدين شاهه راشدي جي 41هين ورسي ملهائي وئي

Read Next

As to why Asian Birdes-to-be Are a Great Decision For Men

Most Popular