وزيراعظم پابندي پاران مڙهيل تنظيم بي اين اي جي باني کي گرفتار ڪرڻ تي آءِ ايس آءِ جي تعريف

وزيراعظم پابندي پاران مڙهيل تنظيم بي اين اي جي باني کي گرفتار ڪرڻ تي آءِ ايس آءِ جي تعريف

وزيراعظم شهباز شريف پابندي مڙهيل تنظيم بلوچ نيشنل آرمي جي باني گلزار امام عرف شمبي جي گرفتاري تي آءِ ايس آءِ کي مبارڪباد ڏني آهي.

وزيراعظم ٽوئيٽ ڪندي چيو ته هي آپريشن اسان جي ايجنسين جي شاندار پروفيشنلزم جي عڪاسي ڪري ٿو، اها گرفتاري بلوچستان ۾ شدت پسندي کي ٿڏڻ ۽ امن جي نئين دور جي شروعات ۾ مدد ڪندي.

آءِ ايس پي آرطرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڳجهي ايجنسي هڪ ڪامياب انٽيليجنس آپريشن دوران هڪ انتهائي گهربل (ايڇ وي ٽي) گلزار امام عرف شمبي کي گرفتار ڪيو، جيڪو هڪ سخت گير ويڙهاڪ کانسواءِ پابندي مڙهيل تنظيم بلوچ نيشنل آرمي (بي اين اي) جو باني ۽ اڳواڻ هو.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته کيس مختلف جاگرافيائي هنڌن تي مهينن تائين هلندڙ جديد منصوبابندي ۽ احتياط سان ڪيل آپريشن کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو.

Read Previous

عمران عباس لائيو شو ۾ صنم جنگ کي 10 ڪلو وزن گهٽائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

Read Next

پاڪستان ۾ ٻه طرفي ڪرڪيٽ لاءِ پي سي بي جا قدم ساراهه جوڳا آهن: گريگ بارڪلي

Most Popular