پاڪستان وومينز فٽبال ٽيم اولمپڪ ڪواليفائرز ۾ پهرين ميچ کٽي ورتي

گرين شرٽس تاجڪستان کي 1-0 تان شڪست ڏئي اي ايف سي اولمپڪ ڪواليفائرز ۾ پاڪستان وومين ٽيم جي نمائندگي ڪندي تاريخ جي پهرين ميچ کٽي ورتي.

پاڪستان پيرس اولمپڪس 2024 جي ڪواليفائرز جي راؤنڊ ون جي گروپ اي ۾ ٽئين نمبر تي آهي.

ان کان اڳ پاڪستان کي پنهنجي پهرين ميچ ۾ فلپائن هٿان 4-0 ۽ ٻي ميچ ۾ هانگ ڪانگ هٿان 0-2 تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.

فلپائن جي ٽيم، جنهن ٽئي ميچون کٽيون، گروپ ونر جي حيثيت سان ايندڙ رائونڊ ۾ پهچي وئي آهي.

پاڪستان اسٽار اسٽرائيڪر ناديا خان جي خدمتن کانسواءِ کيڏي رهيو آهي، جيڪا اي سي ايل ۾ زخمي ٿيڻ سبب ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي وئي هئي.

ان دوران ڪپتان ماريا خان به گروپ اسٽيج جي ٻي ۽ ٽئين ميچ ۾ زخمي ٿيڻ سبب ٻاهر ٿي وئي.

Read Previous

The right way to Protect Your web Data and Security

Read Next

آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

Most Popular