گڏيل عرب امارات کان هلندڙ هفتي هڪ ارب ڊالر مالي مدد جي لکت ۾ ضمانت ملڻ جو امڪان

عالمي مالياتي فنڊ سان اسٽاف سطح جي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ حڪومت جون ڪوششون نتيجا ڏيندي نظر اچن ٿيون، ذريعن موجب گڏيل عرب امارات هن هفتي هڪ ارب ڊالرن جي مالي امداد جي تصديق ڪري سگهي ٿو.

حڪومت جو آءِ ايم ايف سان قرض جي وصولي جو مشن پوري رفتار سان اڳتي وڌي رهيو آهي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب گڏيل عرب امارتن کان فنانسنگ جا معاملا لڳ ڀڳ حتمي ٿي ويا آهن ۽ هلندڙ هفتي عرب ملڪ طرفان هڪ ارب ڊالرن جي فنانسنگ جي تصديق جو امڪان آهي.

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار دوست ملڪن کان فنانسنگ جي درخواست ڪئي هئي جڏهن ته آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪرڻ لاءِ وزيراعظم آفيس به سرگرم آهي.

ناڻي واري سيڪريٽري جي واشنگٽن جي تازي دوري دوران آءِ ايم ايف جي شرطن کي پورو ڪرڻ ۾ اڳڀرائي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

يو اي اي اختيارين کان گارنٽي ملي ته آءِ ايم ايف کي لکت ۾ يقين ڏياريو ويندو، سعودي عرب پهريان ئي 2 بلين ڊالر جي مالي مدد جي تصديق ڪري چڪو آهي.

Read Previous

سپريم ڪورٽ سردار تنوير الياس جي نااهلي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

Read Next

نواز شريف جي واپسي ڪيس: فواد چوڌري جو هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو

Most Popular