وڏي وزير سنڌ روينيو بورڊ ۽ ايڪسائيز کاتن کي ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ جو پابند بڻائي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ روينيو بورڊ، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ بورڊ آف روينيو جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي چيو آهي ته تازين ٻوڏن ۽ سخت برساتن سبب بورڊ آف روينيو جي وصولين ۾ گهٽتائي آئي آهي، پر سنڌ روينيو بورڊ ۽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ جا پابند آهن.

وڏي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي کي هدايت ڪئي ته ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف مهم شروع ڪئي وڃي ۽ کين کليل رستن تي گاڏيون هلائڻ کان روڪيو وڃي.

سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سنڌ روينيو بورڊ کي 180 ارب رپين جو هدف ڏنو ويو هو، جنهن جي مقابلي ۾ هن مالي سال 23-2022 جي 8 مهينن دوران 128.2066 ارب رپيا وصول ڪيا آهن، جنهن سان روينيو ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿيندو.

ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير مڪيش چاولا سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته سندس کاتي کي 127 هزار 200 ملين رپين جو ٽارگيٽ ڏنو ويو هو، جنهن مان گذريل 8 مهينن دوران 63 هزار 331 ملين رپيا وصول ڪيا ويا آهن، هن مالي سال جي آخر تائين هدف حاصل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

هن چيو ته ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي صوبائي ايڪسائيز، موٽر وهيڪل ٽيڪس، ڪپهه جي فيس، انفراسٽرڪچر سيس، تفريحي ٽيڪس ۽ ٻيون فيسون گڏ ڪيون.

هن چيو ته اسان پراپرٽي ٽيڪس ۽ پروفيشنل ٽيڪس گڏ ڪندا هئاسين، جيڪي مڪاني ادارن کي منتقل ڪيا ويا آهن، ان باوجود پراپرٽي ٽيڪس جي وصولي 80 لک رپيا ۽ پروفيشنل ٽيڪس 464 ڪروڙ رپيا رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

ايڪسائيز واري وزير چيو ته سندس کاتو موٽر وهيڪل ٽيڪس جي 14 هزار ملين رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 6996 ملين رپيا وصول ڪيا آهن، جڏهن ته انفراسٽرڪچر سيس مان 100800 ملين رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 51601 ملين رپيا وصول ڪيا ويا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته هن وقت تائين 80 لک رپيا تفريحي ٽيڪس ۽ 10 لک رپيا متفرق فيس جمع ٿي چڪي آهي.

وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي روينيو واري وزير مخدوم محبوب الزمان ٻڌايو ته بورڊ آف روينيو (بي او آر) کي 36 ارب رپين جو هدف ڏنو ويو هو، جنهن جي مقابلي ۾ هن 10 ارب رپيا (9961 ملين رپيا) وصول ڪيا آهن.

مخدوم محبوب الزمان چيو ته صوبائي حڪومت ٻوڏ متاثرن کي مختلف رعايتون ڏنيون آهن، ملڪ ۾ مالي بحران سبب رئيل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۾ زوال جو رجحان پيدا ٿيو آهي، ان ڪري ملڪيتن جي منتقلي جو تناسب ۽ ڪيس داخل ٿيڻ ۾ ڪافي گهٽتائي آئي آهي.

وڏي وزير بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته روينيو جي وصولي کي وڌائڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن.

Read Previous

عمران خان جي ٻن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۾ 4 مئي تائين واڌ

Read Next

پ پ پاران اتحادي پارٽين کي پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ راضي ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم

Most Popular