پ پ پاران اتحادي پارٽين کي پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ راضي ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم

پاڪستان پيپلز پارٽي حڪمران اتحاد جي پارٽين کي مخالف ڌر پي ٽي آءِ سان وڌيڪ ڳالهين لاءِ قائل ڪرڻ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

ڪميٽي ۾ اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، اڳوڻو وفاقي وزير قمر زمان ڪائره ۽ سيد نويد قمر شامل آهن، ان حوالي سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري پاران نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

حڪمران اتحاد جي پارٽين کانسواءِ ٽي رڪني پينل به پي ٽي آءِ سان وڌيڪ ڳالهين لاءِ رابطو ڪندو.

پيپلز پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي جا ميمبر حڪمران اتحاد جي سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي آصف علي زرداري جي تحريڪ انصاف سان ڳالهين جي تجويز تي عملدرآمد لاءِ قائل ڪندا.

ڪميٽي ان کانپوءِ ملڪ ۾ سياسي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل ايجنڊا تيار ڪندي، جيڪا پي ٽي آءِ کي پيش ڪئي ويندي.

Read Previous

وڏي وزير سنڌ روينيو بورڊ ۽ ايڪسائيز کاتن کي ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ جو پابند بڻائي ڇڏيو

Read Next

قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ڪميٽين اتفاق راءِ سان اليڪشن فنڊ بل رد ڪري ڇڏيو

Most Popular