سپريم ڪورٽ جو فيصلو آئين ۽ وفاق تي حملو قرار, پارليامينٽ جي اختيارن جو تحفظ ۽ دفاع ڪنداسين، حڪمران اتحاد

Maryam Nawaz Shahbaz Sharif Maulana Fazal-ur-Reman Bilawal Bhutto Zardari,Yousuf Raza Gillani Mahmood Khan Achakzai

اسلام اباد (بيورو رپورٽ) حڪمران اتحاد سپريم ڪورٽ جو فيصلو آئين ۽ وفاق تي حملو قرار ڏيندي چيو آهي ته آئيني اختيارن جو تحفظ ۽ دفاع ڪنداسين.

سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بئنچ جي فيصلي تي پنهنجي ردعمل ۾ حڪمران اتحاد چيو آهي ته وفاق ۾ حڪمران پارٽين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو سپريم ڪورٽ پروسيجر ائنڊ پريڪٽس بل 2023ع تي ايندڙ حڪم تائين عمل روڪڻ واري حڪم کي غير آئيني قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.

حڪمران اتحاد چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته قانون اڃا ٺهيو به ناهي، لاڳو به ناهي ٿيو پر تڪراري ۽ هڪ طرفي بينچ بڻائي ان جي ٺهڻ کي ئي روڪيو ويو. رڳو هڪ اندازي ۽ تصور جي بنياد تي ڪم نه رڳو قانوني طريقيڪار نه پر منطق جي به خلاف آهي، اهو مفادن جي ٽڪراءُ جو کليل ۽ سنگين مثال آهي، عدل، انصاف ۽ سپريم ڪورٽ جي ساک جو قتل آهي.

حڪومتي اتحاد چيو آهي ته ون مين شو جهڙو هي فيصلو عدالتي تاريخ ۾ ڪاري باب طور جاءِ وٺندو، اهو قدم آئين ۽ پارليامينٽ جا اختيار غصب ڪرڻ آهي، جيڪو وفاق تي حملو ۽ سپريم ڪورٽ جي سينيئر ججن تي بي اعتمادي آهي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪمران پارٽيون عدالتي ناانصافي کي منظور نه ڪندي ڀرپور مزاحمت ڪنديون، پاڪستان بار ۽ صوبائي بارز جا خدشا به درست ثابت ٿيا، اميد ته وڪيل برادري آئين، قانون ۽ انصاف جي سنگين مذاق جو نوٽيس وٺندي.

بيان موجب حڪمران پارٽيون عدالتي نظام ۾ انصاف لاءِ حڪمت عملي تيار ڪنديون ۽ مشاورت سان مستقبل جي حڪمت عملي جوڙينديون ته جيئن ملڪ ۽ قوم کي بحران مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.

Read Previous

سپريم ڪورٽ چيف جسٽس جي اختيارن بابت پارليامينٽ جي منظور ٿيل قانون تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو

Read Next

يو اي اي پاڪستان جي آءِ ايم ايف کي ٻه طرفي سهڪار جي تصديق ڪري ڇڏي، اسحاق ڊار

Most Popular